راجڪمار هيراڻي

راجڪمار هيراڻي

راجڪمار هيراڻي

راجڪمار هيراڻي: عام طور راجو هيراڻيءَ طور سڃاتو ويندڙ بالي ووڊ جو سنڌي هدايتڪار، فلمي ليکڪ ۽ ايڊيٽر، راجڪمار هيراڻي، 22 نومبر 1962ع تي ناگپور (مهاراشٽر)، هندستان ۾ سريش هيراڻيءَ جي گھر ۾ ڄائو، جيڪو 14 سالن جي عمر ۾ 1947ع ۾ سنڌ مان لڏي وڃي هند ۾ ويٺو هو. راجڪمار ابتدائي تعليم سينٽ ڊي سيل هاءِ اسڪول ناگپور مان حاصل ڪئي ۽ گرئجوئيشن جي ڊگري ڪامرس ۾ حاصل ڪيائين. ان بعد والد سان ڪاروبار ۾ هٿ ونڊائيندو رهيو، پر سندس خواهش هئي ته هو هندي فلمن ۾ اداڪار ٿئي. ڪاليج دوران هن هندي ٿيئٽرن ۾ به ڪم ڪيو. رميش هيراڻيءَ، پُٽ جي خواهش کي نظر ۾ رکندي، کيس فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا (پوني) ۾ داخلا وٺڻ لاءِ چيو. اتفاق سان اداڪاريءَ ۽ هدايتڪاريءَ جي ڪورس ۾ گهڻن اميدوارن هئڻ جي ڪري راجڪمار جي داخلا نه ٿي سگھي، ان ڪري هن اُتي ئي ايڊيٽنگ جي شعبي ۾ داخلا ورتي، جتي، ان کانپوءِ هو بالي ووڊ ۾ فلم ايڊيٽر طور پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ سالن تائين مسلسل ڪوشش ڪندو رهيو، جنهن دوران کيس ڪيترائي تلخ تجربا پڻ ٿيا، پر هن نه ميدان ڇڏيو، نه همت هاري ۽ پنهنجي جدوجهد کي جاري رکيو. جڏهن گھڻي محنت ڪرڻ جي باوجود کيس فلمن ۾ ايڊيٽنگ جي ميدان ۾ ڪو خاص ڪم نه مليو ته مجبور ٿي هن اشتهاري فلمن طرف رخ ڪيو ۽ ڪيترن ئي اشتهاري فلمن ۾ ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر ٿي رهيو، گڏوگڏ هن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ واري پنهنجي جنون کي ختم ٿيڻ نه ڏنو. نيٺ کيس ڀارت جي مشهور پروڊيوسر ونود چوپڙا سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هن ڪيترين ئي فلمن جا ٽريلر ۽ پروموز ايڊٽ ڪرڻ شروع ڪيا. هن 1942ع ۾ ‘A love story’ ۽ ’فريب‘ فلمن جا ٽيلر ۽ پروموز ايڊٽ ڪيا، آخرڪار راجڪمار هيراڻيءَ جي محنتن رنگ لاتو ۽ کيس ’مشن ڪشمير‘ فلم ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. راجڪمار هيراڻيءَ کي شهرت جي بلندين تي فلم منا ڀائي ايم. بي بي ايس پهچايو، جنهن جو هو ليکڪ، ڊائريڪٽر ۽ ايڊيٽر هو. 10 ڪروڙن جي سيڙپ سان ٺهيل هن فلم باڪس آفيس ۾ رڪارڊ بزنيس ڪيو ۽ کيس 25 ڪروڙ روپيا ڪمائي ڏنا. راجڪمار هيراڻيءَ کي: ’منا ڀائي ايم. بي. بي. ايس‘ (2003ع)، ’لگي رهو منا ڀائي‘ (2006ع) ۽ ’ٿري اڊئيٽس‘ (ٽي اڊئيٽس: 2009ع) جهڙين مشهور فلمن بالي ووڊ ۾ وڏي مڃتا ڏياري. گڏوگڏ کيس عوام پاران به ڀرپور موٽ ملي. فلم ٿري اڊئيٽس (Three Idiots) راجڪمار جي ڪيريئر جي اها فلم هئي، جنهن عوام کان وٺي فلم جي نقادن تائين کيس آسمان تي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. راجڪمار ڪيترائي بهترين فلم جا اوارڊ حاصل ڪيا، جن ۾: نيشنل فلم فيئر اوارڊ، فلم فيئر ڪرٽڪ اوارڊ، فلم فيئر اوارڊ، آئيفا اوارڊ ۽ ٻيا اوارڊ شامل آهن. ساڳيءَ طرح ’لگي رهو منا ڀائي‘ ۽ ’ٿري اڊئيٽس‘ فلمن پڻ ان کان وڌيڪ اوارڊ حاصل ڪيا، جن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. راجڪمار هيراڻي اڄ به بالي ووڊ سان لاڳاپيل آهي ۽ محنت ۽ لگن سان فلمي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور ادا ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.11.22  عيسوي

عام طور راجو هيراڻيءَ طور سڃاتو ويندڙ بالي ووڊ جو سنڌي هدايتڪار، فلمي ليکڪ ۽ ايڊيٽر، راجڪمار هيراڻي، 22 نومبر 1962ع تي ناگپور (مهاراشٽر)، هندستان ۾ سريش هيراڻيءَ جي گھر ۾ ڄائو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير غلام رسول شاهه جيلاني
بهادر خان علياڻي
پمناڻي هاسارام پروفيسر
پکيئڙو محمد صديق
ڄام علي شير سمو
عبدالملڪ بن مروان
حنا رباني کر
عمراڻي گل محمد
ڄام سَپڙُ
احمد خان چانڊيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون